خاصخيلي، جان

خاصخيلي، جان

خاصخيلي جان

خاصخيلي، جان: نامور صحافي ۽ ليکڪ جان خاصخيليءَ جو پورو نالو جان محمد ولد حاجي خاصخيلي آهي. هن 23 اپريل 1956ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليمي لياقت ايم. اي (سوشيالاجي) آهي. شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکندو آهي. سندس شاعري ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ ڪتاب ۾ به تعارف سان ڇپيل آهي، جنهن ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ شيخ اياز لکيو هو ۽ ان ڪتاب ۾ نئين ٽهيءَ جي شاعرن جو انتخاب شامل هو. جان خاصخيلي جي ڪهاڻين جو مجموعو ’گم ٿيل ماڻهوءَ جو سفرنامو‘ 1996ع ۾ ڇپيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس، ۽ آرٽس ڪائونسل آف ڪراچيءَ جو ميمبر رهيو آهي. سنڌي صحافت ۾ هلال پاڪستان، عوامي آواز، برسات، جاڳو، پڪار ۽ خلق اخبارن سان واڳيل رهيو آهي. انگريزي اخبارن- ٽائيمس آف انڊيا، ڊان، نيوز لائين، هيرالڊ، ورلڊ نيٽ ڊيلي (آمريڪا) وغيره ۾ سندس ليک ۽ نيوز اسٽوريون پڻ شايع ٿيون آهن. هن وقت انگريزي اخبار ’دي نيوز‘ سان لاڳاپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.04.23  عيسوي

نامور صحافي ۽ ليکڪ جان خاصخيليءَ جو پورو نالو جان محمد ولد حاجي خاصخيلي آهي. هن 23 اپريل 1956ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه محمد شريف طوسي
گلڻ خان ڀنڊ
اعظم ڀٽي
اعجاز حسين مهر
حاجي محمود هالائي
حيات بلوچ
علي قاضي
لوڪرام ڏوڏيجا
زيڊ اي شيخ
حميد هارون
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون